نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ مڙس جي زيادتين خلاف متاثر عورت پاڪستان پريس ڪلب پھچي ميڊيا اڳيان احتجاج ڪيو. هن دانھيندي چيو تـ سندس اڳوڻو مڙس ڪمال گشڪوري 5 سال اڳ وفات ڪري ويو، جنھن بعد 9 مھينا اڳ مون اڪوٽه واسي حسن شاھه سان پنھنجي رضا خوشي سان ڊگھڙي سول ڪورٽ ۾ شادي ڪئي، جيڪو مون تي تشدد ڪندو ھو ۽ گھر مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن خلاف مون ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي، هاڻ ھڪ ٻار سان دربدر آھيان. عورت سياڻي چيو ته اڳوڻي مڙس جي اڳئين گھرواري ۽ سندس ڏيرن ٽي ٻار پاڻ وٽ رھائي ڇڏيا، جن سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي ۽ ڳوٺ به اچڻ نٿو ڏنو وڃي، مڙس حسن شاهھ بـ ڇڏي ڏنو آهي، هاڻ پنهنجي اصل ڳوٺ وڃن چاھيان ٿي، مون کي 5 ورهين جي پٽ سميت تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close