پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ سروي ۾ نظرانداز ڪرڻ ۽ امداد نه ملڻ خلاف متاثرن جو مظاهرو

جهڏو: جهڏو لڳ ڳوٺ بهادر ڪلوئي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن ذوالفقار ڪلوئي، احمد ڪلوئي، مبين ڪلوئي، عورتن سياڻي، نبيلا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن وڏي انگ ۾ گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري امداد نه ملڻ خلاف زبردست نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته پراڻ ندي جي گهاري سبب اسان جو ڳوٺ مڪمل ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ گهر آهن، جن مان اڪثر گهر مڪمل طور ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جيڪي گهر بچيا آهن، اهي ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ ڪري ڊيميج ٿي رهڻ جي قابل نه رهيا آهن. هنن چيو ته اسان جو ٻوڏ ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، پر سرڪاري سروي ۾ اسان جي ڳوٺ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ سروي لاءِ آيل ٽيم رڳو ڪجهه ماڻهن جا گهر سروي ڪيا، باقي متاثرن جي گهرن جي سروي نه ڪئي، جيڪا اسان سان ناانصافي آهي، اسان کي سرڪاري امداد ۾ به نظرانداز ڪيو ويو آهي، امدادي سامان روينيو عملدارن فقط من پسند ماڻهن کي فراهم ڪيو آهي. هنن ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺ جي سروي ڪرائي متاثرن جي فوري طور واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button