خانپورمهر: خانپورمهر ۾ هفتو اڳ گرم تيل جي ڪڙاهي ۾ ڪِري سڙي زخمي ٿيل نوجوان صدام قاضي کي ڪالهه رحيم يار اسپتال مان گهر آندو ويو، جتي نوجوان جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کان پو وارث کيس گهوٽڪي اسپتال کڻائي پهتا، جتي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته نوجوان کي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته مهرو واھه محلي جو رهواسي صدام قاضي مرگهي ٿيڻ سبب شهر ۾ پڪوڙن جي دڪان تي تيل جي ڪڙاهي ۾ ڪري سڙي ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close