پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ سماجي براين خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي ريلي

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي پاران تاريخي شھر ڪوٽڙي کي کنڊر بنائڻ، منشيات جي وڪري ۽ بدامني توڙي ٻين سماجي برائين خلاف اسٽيشن روڊ کان بليڪ مارچ ڪري ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري المدينه چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ديدار شام، شبير ٻنگ، مقصود جهتيال، شبير ساند، نياز ڪابورو، مختيار چنو، احسان آڪاش ۽ ٻين چيو ته شهر جي تاريخي حيثيت رهي آهي، پر بدقسمتي سان ان کي هٿ وٺي منشيات، بدامني ۽ گندگي جي ور چاڙهيو ويو آھي، نوجوان نسل کي منشيات جهڙي زهر جي ور چاڙهيو پيو وڃي، شهري غير محفوظ آهن، پوليس اسٽيٽ منشيات فروشن جي سهولتڪاري ۾ ملوث آهن. ايس ايس پي ڄامشورو ايس ايڇ او کي هٽائڻ جي حيثيت نٿو رکي، ميونسپل جي ڪروڙين رپيا بجيٽ هئڻ باوجود شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، ڪروڙين روپيا چونڊيل نمائندن جي بنگلن تي خرچ پيا ٿين. ھنن مطالبو ڪيو ته شھر کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت ۾ وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button