پاڪستانسنڌ

ڀارتي ياترين جو قافلو ڀڳت ڪنوررام جي آستان پهتو، پوجا ڀاٺ

جروار: شداڻي درٻار حيات پتافي جي ميلي ۾ آيل سنت يڊشٽر لال جي اڳواڻي ۾ 97 ڀارتي ياترين جو قافلو ڀڳت ڪنور رام جي جنم ڀومي جروار پهتو، جنهن بعد قافلو ڀڳت ڪنوررام جي جنم آستان ڏيوري صاحب پهچي پوجا پاٺ ڪئي ۽ ڀڳت ڪنوررام جي گهر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنت يڊشٽر لال چيو ته هر سال سنڌ اچون ٿا، سنڌي ماڻھن اسان کي هميشه پيار ۽ محبت ڏني آھي، هتي اچي دلي سڪون ملندو آھي، ڀڳت ڪنور رام هڪ صوفي فقير ۽ انسان دوست هو، هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هو، جنهن ڪري سدائين غريب ماڻھن جو وڏو خيال ڪندو، سنڌ واسين پاران مليل پيار ڪڏهن به نه وساري سگھنداسون. ٻي طرف ياترين جي گل ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button