پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميھڙ: ميھڙ ڀرسان يوسي لتڻ جي ڳوٺ نثار کوسو جي رھواسين محمد حسن کوسو، اختيار کوسو، علي حسن کوسو، ساجد کوسو، يونس کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي آزاد پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. هنن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته برسات ۽ مھا ٻوڏ يوسي لتڻ سميت ميھڙ تعلقي ۾ وڏي تباھي مچائي آهي، جنھن جي ڪري گھر ڊھي پٽ ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا، فصل تباھه ٿي ويا ۽ چوپايو مال مري ويو، ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي ۽ ھٿرادو ڪٽ بند ناھن ٿي سگھيا، اسان کي راشن به نٿو ملي، اسان جي ڪنھن به اداري يا سياسي ڌر سار نه لڌي آهي. ھنن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ميھڙ تعلقي جي ڳوٺن مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button