پاڪستانسنڌ

منڇر جي ٻوڏ سبب ڀان کان سيوهڻ تائين ريلوي ٽريڪ اڃا بند

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ کانپوءِ 3 مهينا گذرڻ باوجود به ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو، ڀان سيدآباد کان سيوهڻ تائين ريلوي ٽريڪ کي 15 مختلف هنڌن تي لڳل ڪٽ بند نه ڪيا ويا. تفصيل موجب منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ کانپوءِ ٻوڏ جو پاڻي سنڌو دريا ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ڀان سيدآباد کان سيوهڻ تائين مختلف هنڌن تان ريلوي ٽريڪ کي ڪٽ ڏنا ويا هئا، جيڪي ڪٽ 3 مهينا گذرڻ جي باوجود به بند ناهن ڪيا ويا، جنهن ڪري ريلوي ٽريڪ بحال ناهي ٿي سگهيو. ريلوي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پاران ڀان کان سيوهڻ تائين 24 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ريلوي ٽريڪ کي مختلف 15 هنڌن تان ڪٽ لڳايا ويا هئا، لڪي شاهه صدر ۽ ڀڳي ٽوڙي واري جبل وٽان برساتن دوران جبل جا پٿر ريلوي ٽريڪ تي ڪرڻ سبب پٽڙي متاثر ٿي هئي، جڏهن ته آراضي، بوبڪ، شيخ، ڳنڀير، بالو لاشاري، ٽالپر ۽ سميت ٻين مختلف هنڌن تي ضلعي انتظاميا پاران 15 ننڍا توڙي وڏا ڪٽ ڏئي ٻوڏ جي پاڻي کي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ريلوي جي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد نعمان خان ٻڌايو ته ڀان کان سيوهڻ تائين 15 ڪٽ لڳل هئا، جن کي بند ڪرڻ لاءِ ريلوي عملي پاران ڪم جاري آهي، ريلوي پٽڙي جي چوطرف پاڻي ۽ زمين آلي هجڻ سبب مشينري کي پهچڻ ۾ وقت لڳي ٿو، مال گاڏي ٽرين ذريعي پٿر ۽ ٻيو سامان ڪٽ واري هنڌ پهچائي رهيا آهيون، جنهن جي ڪري ڪم ۾ دير ٿي آهي، تقريبن 80 مزدور ريلوي ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن دوران ريلوي ٽريڪ بحال ٿي ويندو. ريلوي عملدار خير محمد کوسو ٻڌايو ته دادو کان سيوهڻ تائين ريلوي سيڪشن ۾ مرمتي ڪم جاري آهي، هن ريلوي ٽريڪ تان موئن جو دڙو ايڪسپريس، بولان ميل ايڪسپريس ۽ خوشحال خان خٽڪ سميت ٻيون ٽرينون هلنديون آهن، پر گذريل 3 مهينن کان ريلوي ٽريڪ ڪليئر نه هجڻ سبب ٽرينن جي آمد و رفت معطل ٿيل آهي، ٻوڏ سبب ريلوي ٽريڪ مڪمل طور تي ٻڏي ويو هو. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ريلوي ٽريڪ ڪليئر نه هجڻ سبب علائقي واسي توڙي مختلف شهرن جي عوام کي مشڪلاتون پيش اچن پيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button