پاڪستانسنڌ

جي ايم ڀرڳڙي اسڪول ۾ گڏجاڻي، شاگردن لا مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن:عارف لوڌي

حيدرآباد: حيدرآباد شهر جي گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ شاگردن جي ڪارڪردگي، معياري تعليم، شاگردن جي مڪمل حاضري، مائٽن کي شاگردن جي تعليمي قابليت بابت ڄاڻ ڏيڻ لا والدين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن جي والدين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي جي صدارت هيڊماستر پريم ڪمار ڪئي. گڏجاڻي ۾ والدين کان تعليم جي بهتري لا تجويزون طلب ڪيون ويون. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايڇ ايم پريم ڪمار چيو ته والدين جي گڏجاڻي رکڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته والدين ٻارن کان روز ڄاڻ وٺن ته اسڪول ۾ استادن ڇا پڙهايو، ڪاپي ۾ ڇا لکرايو، جڏهن مائٽ اهو سلسلو روزاني جي بنياد تي جاري رکندا ته استاد به ذميواري سان ٻارن کي تعليم ڏيندا. ان موقعي تي سينيئر پرائمري استاد عارف لوڌي خطاب ڪندي چيو ته شاگردن لا نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون فائديمند آهن، شاگردن جو تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لا ضروري آهي ته جئين ٻار پڙهڻ چاهي، ان کي ائين پڙهايو وڃي، شاگردن جي ذهني واڌ ويجهه لا اسپورٽس، قرئت، نعت، چٽاڀيٽي ۽ تقريري مقابلا به ضروري آهي، ان لا اسان مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن. هن چيو ته ٻارن جي ڊسيپلين، ڊريس ۽ تعليمي قابليت تي خاص توجه ڏني ويندي ته جئين شاگرد تعليم حاصل ڪري پنهنجي منزل تائين پهچن، پر والدين طرفان ڌيان نه ڏيڻ سبب شاگرد پڙهي نه سگهندا، ان ڪري مائٽن جي توجه تمام گهڻي ضروري آهي. گڏجاڻي ۾ عامر راهي ۽ شمس العارفين سميت ٻين استادن پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button