پاڪستانسنڌ

ٽنڊي ڄام ۾ عمران خان کان به وڏو جلسو ڪري ڏيکاريندس:شرجيل ميمڻ

سڌ سما واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنهنجي تڪ ٽنڊي ڄام ۾ ٻن ڏينهن بعد عمران خان کان به وڌيڪ جلسو ڪري ڏيکاريندس. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي راولپنڊي واري جلسي تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جو شو ناڪام رهيو، ڇاڪاڻ ته دعوائن باوجود ماڻهن شرڪت نه ڪئي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پنهنجي تڪ ٽنڊي ڄام ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندس، جيڪو عمران خان جي جلسي کان وڏو جلسو هوندو. هن واضح ڪيو ته جلسو مرڪزي، صوبائي يا ضلعي سطح جو ناهي پر رڳو تڪ جي عوام جو جلسو هوندو ۽ مون کي يقين آهي ته اهو تحريڪ انصاف جي فلاپ شو کان وڏو جلسو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button