اسلام آبادپاڪستان

وفاقي حڪومت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عمران خان طرفان صوبائي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو سامهون اچڻ بعد وفاقي حڪومت وفاقي حڪومت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومتن خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ جمع ٿيل هجي ته ان صورت ۾ اسيمبلي ٽوڙي نٿي سگهجي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ اسان جو ڪافي تعداد آهي، تنهنڪري ڪو مسئلو نه ٿيندو، پي ڊي ايم اتحاد خيبر پختونخوا ۾ به ٽف ٽائيم ڏيندو، عمران خان نظام مان ٻاهر هوندو ته سياسي استحڪام ايندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي تقرير شڪست جو اعتراف آهي، جلسي ۾ جيترا ماڻهو آيا انهن جو انگ سڀني ڏسي ورتو، ان کان وڌيڪ ته اسلام آباد جي سيڪيورٽي تي اهلڪار مقرر ٿيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جارحاڻي سياست جي پاليسي اختيار ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button