اسلام آبادعالمي

وزيراعظم ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف ترڪيا جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهيا آهيون، ترڪيا سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪ- ترڪيا بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيا وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته استنبول ۾ پاڪستان- ترڪيا بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، اسان وڏي مشڪل سان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچيا آهيون، اسان کي پنهنجو مٽا سٽا وارو ناڻو بچائڻو آهي، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيا جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ ترڪيه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت چيو ته پاڪستان ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ۽ هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هن ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ تي ترڪيا حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ترڪيا سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪيه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪيءَ سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ترڪيه ڪمپنين لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن لاءِ آساني کي يقيني بڻايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button