پاڪستانپنجاب

جيستائين الله نه چاهي پنجاب حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو: پرويز الاهي

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته سياسي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، جيستائين الله نٿو چاهي پنجاب حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو. لاهور ۾ صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي وڏ وزارت جو عهدو الله تعاليٰ ڏنو، جيڪا شي الله ڏيندو آهي اها ڪير به کسي نٿو سگهي، مون مختصر عرصي ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود لا بي پناهه ڪيو آهي، الله تعاليٰ موقعو ڏنو آهي ته عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، نيت جو ڦل ملي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ڪنهن سان به ساڙ يا بغض ناهي، آئون هاڪاري سوچ رکندو آهيان، ٻن اڍائي مهينن ۾ هڪ سال کان وڌيڪ جيترو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button