پاڪستان

لانگ مارچ ختم، عمران خان سڀني اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حقيقي آزادي مارچ کي راولپنڊي ۾ ختم ڪرڻ ۽ سڀني صوبائي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد وڃڻ بدران اسيمبلين مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان کي هن ڪرپٽ نظام جو حصو ناهي رهڻو، تنهن ڪري پنهنجي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي رکي آهي، وڏن وزيرن ۽ پارلياماني ڪميٽي سان ڳالهايان ٿو، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪ کي انتشار کان بچائڻ لا بهتر آهي ته هن نظام مان نڪري وڃون. راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي مارچ کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته لاهور کان روانو ٿيس ته 2 ڳالهيون چيون ويون، پهرين ڳالهه ته منهنجي هڪ ڄنگهه جي حالت به ٺيڪ ناهي ۽ مون کي قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 جوابدار اڃا تائين پنهنجي عهدن تي موجود آهن، تنهن ڪري منهنجي حياتي کي اڃا به خطرو آهي، ڊاڪٽر چون ٿا ته زخم ٺيڪ ٿيڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا، منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، هن ڄنگهه سان سفر ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو آهي، تنهن ڪري ملڪ کي انتشار کان بچائڻ لا لانگ مارچ ملتوي ڪيو آهي، اسان کي اڳتي اسلام آباد ناهي وڃڻو، اڳيان وينداسين ته تباهي مچي ويندي، تنهن ڪري فيصلو ڪيو آهي ته اسان هن ڪرپٽ نظام جو حصو نه رهنداسين، مون خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ گلگت بلتستان اسيمبلين جي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي رکي آهي، وڏن وزيرن ۽ پارلياماني ڪميٽي سان ڳالهايان ٿو، آئون ملڪ کي حقيقي طور تي آزادي ڏيارڻ چاهيان ٿو، آزادي ملندي ناهي، ڇني وٺڻي پوندي، تنهن ڪري ٿاڻي، ڪورٽن ۽ تپيدارن واري سياست کي ختم ڪرڻو پوندو، گم ٿيل ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ تائين هي تحريڪ هلندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان ڪنٽينر تي نه ڪِران ها ته گولين جو ٻيو رائونڊ مون کي لڳي وڃي ها، ڪِرڻ شرط مون کي خبر پئجي وئي ته الله تعاليٰ مون کي بچائي ورتو، ڪنٽينر تي 12 ماڻهن کي گوليون لڳيون، سي سڀ بچي ويا، عمران اسماعيل جي ڪپڙن مان 4 گوليون نڪتيون، پاڻ کي موت جي خوف کان آزاد ڪرڻ ضروري آهي، مون کي ذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪردارڪشي ڪئي وئي، ڇو ته آئون انهن کي چور چوندو هيس، پاڪستان اڄ فيصلائتي موڙ ۽ ٻه واٽي تي بيٺو آهي، ڪنهن به وزيراعظم لاءِ ڪڏهن ايڏا ماڻهو نه نڪتا، جيترا مون لاءِ نڪتا آهن، غلام رڳو سٺي غلامي ڪندا آهن، غلام جي اڏام ناهي هوندي، رڳو آزاد ماڻهو وڏا ڪم ڪندا آهن، روڊن تي عوام جو سمنڊ آهي، جيڪڏهن اسلام آباد وڃڻ جو فيصلو ڪيوسين ته اهي برداشت نه ڪري سگهندا، مون لاءِ آسان هو ته سريلنڪا جهڙيون حالتون پيدا ڪريان پر ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو ڏڦيڙ پيدا نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button