پاڪستان

عمران جا سڀ منصوبا ناڪام، سازشين جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جا سڀ منصوبا خراب نموني ناڪام ٿي چڪا آهن، سازشي ماڻهن جو اهڙو ئي انجام ٿيندو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي مارچ کي سڀ کان ناڪام لانگ مارچ قرار ڏنو. هن چيو ته هڪٻئي پٺيان نئون ڊرامو ۽ نئون ڪوڙ پر حقيقت اها ئي آهي ته عمران خان جو 9 سالن جو پلان فيل ٿي ويو آهي. مريم لکيو ته سازش جي ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ جو منصوبو، پنهنجو من پسند چيف آڻڻ جو پلان، چيف جي مقرري ۾ رنڊڪ وجهڻ جو منصوبو ۽ نئين چيف کي تڪراري بڻائڻ جي پلان سميت سڀئي منصوبا خراب نموني فيل ٿي ويا آهن، سازشين جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button