پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ حراسان ڪيل عورت زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي

سرهاڙي: سرهاڙي ۾ حراسان ڪيل 5 ٻارن جي ما خودڪشي ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سرهاڙي شهر جي وارڊ نمبر 3 بروھي پاڙي ۾ 5 ٻارن جي ما 36 ورهين جي شڪيلان زال فهيم بروهي مبينا طور زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي. شھري پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل ھليٿ سينٽر سرھاڙي کڻائي آئي، ميڊيڪل ليٽر وٺڻ بعد لاش پوسٽ مارٽم لا شهدادپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ پوليس ٻڌايو ته جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي. عورت جي مڙس فهيم بروهي الزام هڻندي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي گهرواري کي گذريل ڪيترن ئي مھينن کان شاهد بروهي دوستي رکڻ لا تنگ ڪندو هو، جنهن مان تنگ اچي گهرواري خودڪشي ڪئي آهي. معاملي جو ڪيس داخل نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button