پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ طبي ڪئمپ، هڪ هزار مريضن جي چڪاس

حيدرآباد: نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٽالهي ۾ ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن پاران هڪ ڏينهن جي طبي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر ساجن ڪمار، ڊاڪٽر سڪندر، ڊاڪٽر فوزيه نويد، ڊاڪٽر انيل ۽ ڊاڪٽر نريش گوماڻي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٽالهي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن کان آيل مريضن جو مفت معائنو ڪيو ۽ گڏوگڏ مفت دوائون ڏنيون. ڪئمپ ۾ ميجي پاڪستان پاران مريضن کي پائوڊر ۽ مڇردانيون ڏنيون ويون. ڪئمپ ۾ اسڪن، مليريا، ڊائريا، رسپائريٽري انفيڪشنس، جسماني ڪمزوري، هڏن جهڙي بيمارين جي مريضن جي مفت ڪنسلٽيشن ۽ علاج ڪيو ويو. عورتن، ٻارن ۽ مردن سميت هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس ڪئي وئي ۽ دوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون ويون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ساجن ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ سبب سڄي سنڌ کي نقصان رسيو آهي. ٽالهي جي آسپاس پاڻي بيهڻ ڪري ڪافي ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، جتي جتي پاڻي بيٺو آهي، اتي مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button