پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف روپلو يادگار کان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مسڪين جھان خان کوسو چوڪ تائٔين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھري ڪري ڌرڻو ھنيو، جنهن دوران نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ روپلو ڪولھي جي يادگار تي روپلو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا ميڻ بتيون ٻاريون ويون. ڌرڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي ھاري تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي سوين ڪاڪنن شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ڏاڏا قادر رانٽو، وڪيل وسند ٿري، ڊاڪٽر دلدار لغاري، اوڀايو جوڻيجو، ھميرو مل، وڪيل ديوت را، ڪلتار ميگھواڙ، ڪائٔنات ڏاھري، لو لکاڻي، نارائٔڻ ڀيل، کينھراج ڪولھي، شازيه جوڻيجو، سائٔينداد ھنگورجو، مگھنو ڪولھي، ڀورا لال ڀيل، ڀارو مل ڪولھي، سماجي اڳواڻ الھرکيو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي ڌارين جي لوڌ کي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ آباد ڪري سنڌين جي وجود کي تباهھ ڪري رھي آھي، سنڌ جي عوام ٻوڏ سبب تباھه آھي، حڪمران ڌرتي ڌڻي روپلي جي نگري ۾ سنڌ جي سونھن ڪارونجھر کي ڪٽي ڪمپنين سان ملي تباهھ ڪري رھيا آھن، جنھن خلاف عوامي تحريڪ عدالت ۾ ڪيس وڙهي رھي آھي، ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته روپلو ۽ مسڪين جھان خان جا وارث ڌرتي جي بقا لا آخري دم تائٔين ويڙھه ڪـندا. ڌرڻي ۾ قومي راڳين سنيل ساماڻي، چندر ۽ ٻين قومي گيت ڳائٔي داد وصول ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button