سنڌ

نوان جتوئي ۾نوجوانن جو لائيو اسٽاڪ ۾نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

نوان جتوئي ۾ بيروزگار نوجوانن اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري نه ملڻ خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ربنواز سومرو، نواب علي چانڊيو، اڪرم علي عمراڻي، اطهر علي مهر، شاهد علي نول ۽ ٻين چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ ڪيتريون ئي خالي جايون هئڻ باوجود گذريل 12 سالن کان لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ ڀرتي نه ڪئي وئي آهي. هنن جو چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو جيڪو سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپٽ ڪامورا شاهي ڪري اڄ مڪمل طور تي پٺ تي پيل آهي. هنن سنڌ حڪومت، صوبائي وزير عبدالباري پتافي، ڊي جي لائيو اسٽاڪ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ کي ڀرتي ڪري ملڪي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ لائيو اسٽاڪ کاتي کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button