سنڌ

درگاهه غوث جيلاني جي گادي نشين جي ڪٽنب سان حادثو،5 ڀاتي فوت

ڊکڻ ويجهو ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ واسين سان پکو شهر جي لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي روڊ تي ڪوهيڙي سبب جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڊکڻ جي درگاهه سيد غوث پير شاهه جيلاني جي گادي نشين سيد علي اڪبر شاهه جي نوجوان پٽ اسماعيل شاهه سميت هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پکو شهر جي لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي روڊ تي ڪوهيڙي سبب تيز رفتار ڪار ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ڊکڻ جي ڳوٺ نبي شاهھ وڳڻ واسي 5 ڄڻا 20 ورهين جو نوجوان مٺل شاهه، 4 ورهين جي بيبي منتشى، 38 ورهين جو اسماعيل شاهه، 55 ورهين جو سيد عظيم شاهه ۽ سندس گهرواري صابران خاتون ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ڪاشف ميئو زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻهن لاش کڻائي لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال پهچايا، جتي ڊاڪٽرن 5 ئي ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث لاش کڻائي ڊکڻ ويجهو ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي سيد برادري جا ماڻهو توڙي مريدن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ پهچي ويا، جڏهن ته 5 لاش گهر پهچڻ تي وارثن کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ۽ ڏک ۾ ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ توڙي ڀرپاسي ڳوٺن ۾ ڪاروباري مرڪز سوڳ ۾ پاڻمرادو بند ڪيا ويا. هن افسوسناڪ واقعي کانپوءِ هر اک آلي ٿي وئي، فوتين جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته فوت ٿيل سيد عظيم شاهه ۽ سندس گهرڀاتي ڪراچي مان علاج ڪرائڻ بعد واپس ڪار تي اباڻي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ طرف اچي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو. هنن چيو ته حادثو ڪيئن پيش آيو، واقعي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا. جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڇا آهن. ٻئي طرف فوتين جي جنازي نماز ڳوٺ مقبول شاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي ۾ سيد برادري، سندن مريدن توڙي علائقي واسين سياسي سماجي تنظيمن، مذهبي جماعتن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڳوٺ مان هڪ ئي وقت 5 لاش کڄڻ تي وارث دانهون ڪري روئيندا رهيا.فوتين کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان مقبول شاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button