سنڌ

چڪ مان اغوا ٿيل 3 ڄڻا پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي

چڪ ويجهو ڳوٺ محمد آباغ ٻاهران زمين کي پاڻي ڏيندي 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن نوجوان شاگردن کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي. جڏهن ته چڪ جي بيگاري بند تي ويٺل دلاور ماڙيچو کي عورتاڻي آواز تان هرکائي 2 مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو. پوليس مغوين جي بازيابي لا ڳوٺ عدر تڪيو جي بند تي مهر برادرين جي گهرن مٿان چڙهائي ڪئي وئي پر مغوي هٿ نه اچڻ تي پوليس 30 کان وڌيڪ ٻڪريون ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون. چڪ ويجهو اغوا ٿيل 3 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا. چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمدآباغ ٻاهران 10 ڏينهن اڳ هٿياربند ڳوٺ مبارڪپور واسي سومرا برادري جي ٻن نوجوانن شاگردن حمادالله سومرو ۽ طاهر سومرو کي اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن ته 2 مهينا اڳ چڪ ٿاڻي جي حد بيگاري بند تي ويٺل ماڙيچا برادري جي نوجوان دلاور پٽ الهڏنو ماڙيچو کي عورتاڻي آواز هرکائي اغوا ڪيو ويو. نوجوان دلاور ماڙيچو جي ڀا ڀنگي رام صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڌاڙيل فون ڪري 10 لک روپيا ڀنگ گهري رهيا آهن، غريب آهيون، پني ڪري پيٽ جو گذر سفر ڪندا آهيون، 10 لک ته پري جي ڳالهه آهي اسان 10 هزار به ناهن جو ڌاڙيلن کي ڏيون. هوڏانهن سومرا برادري جي اغوا ٿيل طاهر سومرو ۽ حمادالله سومرو جي بازيابي لا ڊي ايس پي لکي غلام شاهه ۽ ڊي ايس پي خانپور جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏيون ساڻ ڪري محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عدرتڪيو جي بند تي ويٺل منظور مهر ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي چڙهائي ڪئي، جوابدار ۽ مغوي هٿ نه اچڻ تي پوليس ٻن گهرن کي باهيون ڏئي 30 کان وڌيڪ ٻڪريون ڪاهي وئي.،ٻئي طرف مغوي بازياب نه ٿي سگهيا، جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ بدستور ڪهرام متل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button