سنڌ

مدئجي ويجهو هاري جدوجهد ڪميٽي پاران هاري ڪانفرنس منعقد

مدئجي ويجهو ڳوٺ مبارڪ کوسو ۾ پاڪستان هاري رابطا ڪميٽي جي تعاون سان ھاري جدوجهد ڪميٽي ضلعي شڪارپور پاران “هاري ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فاروق طارق, صائما ضيا، رفعت مقصود، پروفيسر ضيغم عباس، قمر عباس، حسنين جميل فريدي، عبدالقادر شاهه امروٽي، رشد الله شاهه امروٽي، شائسته بلوچ، جانثار کوسو، وزير ڊومڪي، احسان جيھو، مير ذاڪر کوسو، لياقت کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان اھڙن ماڻهن کي چونڊي ايوانن تائين پھچايون ٿا جيڪي ھارين ۽ مزدورن جي ڳالهه بدران پنهنجي مفادن جي ڳالهه ڪندا آهن جيڪو عمل انتھائي ڏکوئيندڙ آهي. هنن چيو ته تازين برساتن ۾ وڌ کان وڌ ھاري ۽ مزدور متاثر ٿيو آهي پر افسوس ٽينٽ ۽ راشن وري ڀوتارن کي ڏنا ويا ۽ ڀاڻ توڙي ٻج به ڀوتارن کي ڏنو ويو جنهن جو اصل ڪارڻ اھو آهي ته اسان پنهنجن طبقن مان چونڊ نٿا ڪريون ۽ اھڙن ماڻهن کي چونڊيون ٿا جيڪي اسان جي حقن تي ڌاڙا ھڻن ٿا ۽ مٿي ويٺل وڏا دماغ سوچين ٿا ته زميندار کي زميندار ۽ ھاري کي ھاري ئي رھڻ ڏينداسين، جنهن سبب ھارين جو معاشي قتل ٿي رھيو آهي پر ان سنجيده معاملي جو ڪو نوٽيس لا تيار ناهي. ھنن چيو ته ڀلي ڪجهه به ٿئي پر اسان سڀ گڏجي چونڊيل نمائندن ۽ ڀوتارن کان پنھنجا حق ڇني وٺنداسين، هنن چيو ته آفيسرن جي غلط پلاننگ سبب باگڙجي کان مدئجي تائين زرعي زمينون تباهه ٿي ويون آهن ۽ مجبورن اسان زرعي زمينن کي مڇي جي فارمن ۾ تبديل ڪري نسلي طور بلوچن مان ملاح بڻجي ويا آهيون ۽ معاشي طور تي تباهه ٿيڻ سبب اسان جا ماڻهوَ پنڻ تي مجبور آهن پر افسوس ته سموري سبسڊي به ڀوتارن کي ملي ٿي ۽ ڪميشن خور رڳو ھارين کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ھنن چيو ته اسان جو ڀوتار ۽ سرمائيدار ڪڏهن به نه چاهيندو ته ھاري ۽ مزدور جو پٽ اسڪول وڃي ڇو ته جيڪڏهن اھو تعليم حاصل ڪندو ته اسان کان پنھنجا جائز حق ڇني وٺندو تنهن ڪري اسان جي تعليم پڻ تباهه ۽ برباد ڪئي وئي آهي. ھنن چيو ته ھڪ عالمي طاقت ۽ وڏي سوچ تحت اسان جي زمينن مان تيل، ڪوئلو ۽ ٻيون قيمتي شيون ڪڍي زمين کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سنڌ جو ماحول اڃان به وڌيڪ خراب ٿيندو. ھاڻي وقت اچي چڪو آهي ته اسان سڀ ھاري ۽ مزدور گڏجي پنهنجي لا جدوجهد ڪيون. ھاري ڪانفرنس دوران ٻوڏ سبب متاثر هارين توڙي ننڍن زميندارن کي فوري طور رياست پاران ھر ھڪ متاثر کي پنج لک روپيا روڪ امدادي رقم ڏيڻ، ٻين صوبن جيان سنڌ جي هارين کي فوري طور ربيع جي فصل لا ڪڻڪ جو ٻج ۽ ڀاڻ بنا ڪاغذن جي فراهم ڪرڻ، هارين جي فوري طور هيلٿ انشورنس ڪرڻ سان گڏ سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لا تعليمي ادارن ۾ هاري ڪوٽا تي داخلا ڏيارڻ، رڪ پمپنگ اسٽيشن جا سمورا موٽر ھلرائي سم جو آزار ختم ڪرائڻ، 54 سالن کان سم جي تباهين سبب غير آباد پيل زمينن کي آباد ڪرائڻ لا ميگا پراجيڪٽ ڏيارڻ، وارهه ڪينال جو رائيس ڪينال مان با پاس ختم ڪرائڻ ۽ ھارين کي فصل جي خرچ لا ھر سال خريف توڙي ربيع ۾ بنا وياج جي قرض ڏيڻ جھڙيون قراردادون پڻ پيش ڪيون ويون. ڪانفرنس کي برڪت انصاري، ساگر محمد حسين مھر، شاعر عبدالقادر مھر، لياقت ڀٽو، مختيار ميمڻ، عاشق ڊومڪي، منظور کوسو، غمٺار دل ۽ ٻين خطاب ڪيو. ھاري ڪانفرنس ۾ شريڪ مھمانن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button