پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ جي صحافي جي گهر تي پوليس جي چڙهائي، مبينا ڦرلٽ، احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ پريس ڪلب جي ميمبر ۽ سينيئر صحافي اصغر ملاح جي گهر تي ڪڪڙ پوليس جي بناجواز چڙهائي خلاف سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين پريس ڪلب اڳيان علڻ خان نائچ، اصغر ملاح، حاجي ٻڍل ملاح، شاهنواز ملاح، منظور ملاح، ابراهيم ملاح، زاهد ملاح، علي ملاح ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ڌانهيو ته ايس ايڇ او گلزار احمد خشڪ، وڏي منشي غلام مصطفيٰ، پوليس اهلڪار حبيب الله برهماڻي، پوليس اهلڪار علي نواز ٻٻر ۽ ٻين بناجواز رات جي اونداهي ۾ صحافي اصغر ملاح جي گهر تي چڙهائي ڪئي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، پوليس گهر اندر ڀڃ ڊاهه ڪندي 80 هزار ماليت جا سونا زيور ۽ 70 هزار روڪ ڦرلٽ ڪري 3 سولر پليٽون ڀڃي ڇڏيو آهن، جڏهن ته پوليس صحافي جي چاچي پيرسن ٻڍل ملاح کي گرفتار ڪيو ۽ ڪلاڪ بعد صحافين جي مداخلت تي کيس آزاد ڪري، ٻيهر صبح جو اچڻ جو چيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آھي. احتجاج ڪندڙن پوليس جي بناجواز چڙهائي، ڦرلٽ ۽ پيرسن کي گرفتار ڪرڻ جو نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button