پاڪستانسنڌ

سنڌ کي ھٿ سان ٻوڏ جو پاڻي آڻي ٻوڙائي تباھه ڪيو ويو: عبدالڪريم چانڊيو

ميھڙ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر عبدالڪريم چانڊيو چيو آهي ته سنڌ کي ھٿ سان ٻوڏ جو پاڻي آڻي ٻوڙائي تباھه ڪيو ويو آھي، جلد ڪشمور کان ڪراچي تائين ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا پيادل لانگ مارچ ڪنداسين. اھڙن خيالن جو اظھار هن ڪالهه آزاد پريس ڪلب ميھڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااھلي سبب ھٿ سان ڪٽ ڏياري لکين سنڌي ماروئڙن کي بي گھر ڪري اربن روپين جو نقصان ڪرايو ويو.

ھن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ٿيل نقصانن جو فوري ازالو ڪري ڏنل ڪٽ بند ڪيا وڃن ۽ سوين جي تعداد ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي ھڪ ھڪ ڪروڙ معاوضو ڏنو وڃي. ھن چيو ته سيد زين شاھه جي قيادت ۾ سنڌ جي ھر مظلوم جي واھر ڪرڻ اسين اولين فرض سمجھون ٿا. ھن چيو ته پريس ڪلب اڳيان 22 ڏينھن به ٻوڏ متاثرين جي بحالي لا ڪئمپ جاري آھي، جنھن ۾ مون شرڪت ڪئي آھي، ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي دادو جو صدر سڪندر علي سوڍر، تعلقه ميھڙ جو سيڪريٽري حبيب حضوري پڻ موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button