پاڪستانسنڌ

مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

سن: مانجهند ۾ گذريل 8 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ شھرين کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو. ڪالهه سوين رهواسين دلا ۽ مٽ کڻي شھر مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن لياقت علي ملاح، يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، اڪبر کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب مانجهند جي 20 هزار آبادي جو پاڻي گذريل 8 ڏينهن کان بند آھي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آھن. اسان جو ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته سالن کان سفارش تي ويٺل ايڪسيئين پبلڪ هيلٿ ڄامشورو کي هٽائي فوري طور پاڻي ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button