پاڪستان

ملڪ ۾ جمهوريت کي عمران خان مان خطرو آهي:قمر زمان ڪائره

ڪشمير جي معاملن ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جمهوريت کي عمران خان مان خطرو آهي، جنهن کي سياسي مخالفن تي الزام لڳائڻ کانسوا ٻيو ڪجهه به نٿو اچي. لالا موسيٰ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان سدائين جمهوريت لا جدوجهد ڪئي، آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرڻ سان ئي ملڪ جي ترقي ممڪن آهي، ڏکيائين باوجود اسان پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب ترقياتي منصوبن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، حڪومت پنهنجي وسيلن مان ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button