سنڌ

گڊو ۾ ٻن ڌرين ۾ ٽرانسپورٽ جي تڪرار تان جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي

گڊو ۾ سيد برادري ۽ ڀرچونڊي شريف جي ڌرين ۾ ڊيرا موڙ کان سکر تائين هلندڙ ٽرانسپورٽ جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ ميان ظهور احمد ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ٽرانسپورٽ جو مسئلو ناهي، اسان گڊو ڪراس ڪيو ته سيد برادري جي ماڻهن حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ اسان جي ڌر جا 6 ڃڻا زخمي ٿيا آهن، واقعي جي گڊو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي. ٻئي طرف سيد برادري ڌر جي سيد وسيم شاهه ٻڌايو ته وڏي عرصي کان ٽرانسپورٽ معاملي تان جهيڙو هلندڙ آهي، اسان جي روٽ جي ٽرانسپورٽ سي پيڪ کان سکر تائين ۽ سکر کان ديره موڙ تائين هلندي آهي. ميان ظهور احمد وارا اسان جي ٽرانسپورٽ کي زوري بند ڪرائيندا آهن. گذريل ڏينهن به ديره موڙ ۾ ٽريفڪ بند ڪرائي، اڄ ڊرائيور تي تشدد ڪرڻ بعد گڊو ۾ جهيڙو ڪرڻ لاءِ آيا، اسان جي احتجاج ڪرڻ تي انهن اچي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي، جنهن ۾ سيد وسيم شاهه، قمر شاهه سميت 5 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. هنن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button