پاڪستانسنڌ

شھيد مير مرتضى ڀٽو جو ويجھو ساٿي نياز ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو

ميھڙ: سينيئر صحافي، ميھڙ پريس ڪلب جو صدر ۽ شھيد مير مرتضى ڀٽو جو ويجھو ساٿي نياز احمد ڀٽي ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل اسپتال ۾ گردن جي بيماري سبب 52 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جو مڙھه ڪراچي کان ميھڙ آندو ويو. جتي ماحول سوڳوار ٿي ويو. جنازي نماز مرڪزي عيدگاھه ميھڙ ۾ ادا ڪئي وئي. جنھن ۾ اڳوڻي سينيٽر ۽ پي ٽي آ اڳواڻ صداقت علي جتوئي، پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت مھيسر، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي، قومپرست اڳواڻ نياز احمد پنھور، تمندار صدا حسين چانڊيو، پير آف ميھڙ سيد محمد شاھه، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، پ پ اڳواڻ قاضي واجد مھيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد مھيسر،

ميھڙ بار جو اڳوڻي صدر امجد ٻلھڙو، رئيس شير محمد چانڊيو، سگا اڳواڻ انجنيئر اسلم چانڊيو، صحافي عبدالستار چنا، ايوان صحافت جي آزاد انور ڪانڌڙو، اڪبر ڪانڌڙو، صحافي عاجز اصغر سوڍر، سينيئر صحافي اڪبر پنھور، مدني سومرو، شفقت سولنگي، ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سعيد پنھور، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، پ پ ھاري ڪاميٽي تعلقه ميھڙ جي صدر مجاھد ڳورڙ، پي پي اڳواڻ رئيس ولايت چانڊيو، آزاد پريس ڪلب ميھڙ سٿ جي چيئرمين محمد علي شيخ، عبدالغني ميراڻي، غلام حسين پنھور، بلاول درياڻي، عطا الرحمان چنا، سارنگ جھتيال سميت ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم کي رجب دايو قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button