پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ۾ برادري مان نيڪالي ڏيڻ خلاف جوڙي جو احتجاج

ڏهرڪي: ڏھرڪي شھر جي داد روڊ پاڙي مان ٻه سال اڳ گھران نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان وڪي ڪمار ۽ سندس زال ڪومل ڪماري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مکي شيو لال ڪوريڪا مختلف علائقن جي پنچائتن جا مکي گھرائي اسان کي خاندان سميت شھر نيڪالي جو فيصلو ڏنو، جنهن بعد گهرڀاتين سميت ڳوٺ جان محمد ٻگھيو ۾ رھائش اختيار ڪئي، هينئر ھاڻوڪي مکي نندلال لوها وٽ وياسون ته 20 لک گهري رهيو آهي، اسان وٽ ڏيڻ لا ڪجهه به ناهي، جيڪڏهن برادري مان نيڪالي وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڀاڻي مندر ۾ پناهه وٺنداسين. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان تحفظ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button