سنڌ

لاڙڪاڻي جي جنرل اسٽور مان لکين روپين جي چوري

لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي حد پي ٽي ايس لڳ گذريل رات نامعلوم چور هدايت الله ڪلهوڙو جي جنرل اسٽور جا تالا ٽوڙي اسٽور مان 60 هزار روپيا روڪ رقم، پنج موبائيل سيٽ، هڪ سولر جي بيٽري سميت مختلف قسم جو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان حوالي سان جنرل اسٽور مالڪ هدايت عباسي ٻڌايو ته نامعلوم چور منهنجي جنرل اسٽور جا رات جي وڳڙي ۾ تالا ڀڃي 60 هزار روپيا روڪ رقم، پنج موبائيل سيٽن سميت اٽڪل 3 لک روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري ويا آهن اهڙي واقعي جو اطلاع سچل ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿي ويل روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button