پاڪستان

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون، میجر جنرل احمد شريف آئي ايس پي آر جو نئون ڊي جي مقرر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي عهدو سنڀالڻ بعد پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي نيون مقرريون ۽ بدليون ٿيون آهن. میجر جنرل احمد شريف چوڌري کي آ ايس پي آر جو نئون ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي. آ ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل سعيد کي ڪمانڊر-5 ڪور جو چيف آف جنرل اسٽاف (سي جي ايس) مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار هاڻي 5 ڪور جي ڪمانڊ سنڀاليندو، ليفٽيننٽ جنرل محمد علي کي آرمي اسٽريٽجڪ فورس سينٽرل جو ڪوارٽر ماسٽر جنرل بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل ثاقب کي ڪمانڊر لاجسٽڪ سپورٽ جي عهدي تان هٽائي ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button