سنڌ

قبوسعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

قبو سعيد خان ۾ ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي انچارج ياسر جتوئي جي مبينا زيادتين ۽ ڳوٺن جا نالا نظر انداز ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن نورنبي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽروي بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي نور نبي چانڊيو، صدام چانڊيو، بشير چانڊيو، صدام بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جو هيڊ ياسر جتوئي اسانجي سڀني ڳوٺن جو اسسمينٽ ڪري ويو آهي پر متاثرن کي اًڃا تائين ڪجهه به رليف نه ملي سگهيو آھي. ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جو انچارج ياسر جتوئي، حقدارن بدران من پسند ڳوٺن جو سروي ڪري انهن کي سامان ڏيئي رهيو آهي. هنن ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سي قمبر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سينگار فائونڊيشن جي انچارج کي هٽائي متاثرن کي رليف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button