ڊگھڙي: سنڌ آبادگار اتحاد ضلعي ميرپورخاص جي صدر چوڌري سيف الله گل ۽ تعلقي ڊگھڙي جي صدر ڪاشف جوڻيجو پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان احتجاج ڪيو. هنن چيو ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه 4 هزار رپيا مقرر ڪرڻ وارو اعلان ڪيو، پر اڃا تائين ان تي عمل ڪرائڻ لا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو. هنن چيو ته پاسما چيئرمين جي العباس شگر مل انتظاميا آبادگارن جي ڪمند جي في ٽرالي تي لڳ ڀڳ 15 هزار رپيا ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي، جيڪا آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته ڪمند جي سرڪاري اگهھ 302 رپيا واري نوٽيفڪيشن جي ڀڃڪڙي ڪندي شگر مل ڪيترن ئي ڏينهن تائين آبادگارن کان ڪمند 250 رپيا في مڻ خريد ڪري رهي هئي، شگر مل مافيا هميشه آبادگارن سان دشمني وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪڻڪ جي خريداري جي سرڪاري اگهھ مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن به جاري ناهي ڪري سگهي، سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪرڻ لا هن وقت طاقتور ڀاڻ مافيا سرگرم آهي، جنهن هٿ وٺي ڀاڻ کي ذخيرو ڪري مارڪيٽ ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهي آهي، اهو ظلم ماضي ۾ به سنڌ جي آبادگارن سان ٿيندو اچي پيو. هنن چيو ته ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکي لا رقم ڏيڻ واري اعلان بعد لاڳاپيل اختيارين فارم جمع ٿيڻ باوجود اڃا تائين آبادگارن کي رليف ناهي مليو، اها رقم جيڪڏهن وقت سر ملي ته آبادگار ڪڻڪ جي پوکي، ڀاڻ ۽ ٻج جي خريداري ۾ ڪم آڻي سگهن ٿا. هنن گهر ڪئي ته ميرپورخاص ضلعي ۾ پاڻي جا قدرتي لنگهھ بحال ڪرائي پراڻ سميت سمورن لنگهن جي صفائي ڪرائي بند مضبوط ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close