لاڙڪاڻو: رانوتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائي شهيد ٿيل لاڙڪاڻي واسي ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس وارثن جي مطالبي تي سول لائين ٿاڻي جو نالو تبديل ڪري شهيد عبدالمالڪ ڀٽو رکيو ويو. ان سلسلي ۾ سول لائين ٿاڻي تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جو افتتاح ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران، اي ايس پي عتيق الرحمان ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو ۽ شهيدن جي وارثن گڏجي ربن ڪاٽي ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ چيو ته آئي جي سنڌ جڏهن شهيد جي وارثن وٽ تعزيت ڪرڻ آيو ته وارثن خواهش ڪئي ته هن ٿاڻي جو نالو شهيد عبدالمالڪ ڀٽو رکيو وڃي، جيڪو اسان مهيني اندر پورو ڪندي سول لائين ٿاڻي جو نالو تبديل ڪري شهيد عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻو رکيو آهي، شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو سر ڏنو، پر پير پوئتي نه ڪيو، شهيدن وڏي دليري سان مقابلو ڪيو، نماز دوران هڪ شهيد ٿيو هو، هي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جي تقريب آهي، شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ سان گڏ شهيدن جي وارثن لاءِ نوڪريون به ملنديون. شهيد ڊي ايس پي جي ڀا محمد وارث ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جا ٿورائتا آهيون، جن لاڙڪاڻي جو مشهور پوليس اسٽيشن جو نالو منهنجي شهيد ڀا عبدالمالڪ ڀٽو سان منصوب ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close