پاڪستانسنڌ

ٻوڏ ۾ صوبائي حڪومتن ۽ وفاق نااهلي جو مظاهرو ڪيو:لياقت بلوچ

لاڙڪاڻو: جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري سنڌ وڏي تباهي مان گذري رهي آهي، جتي گهرن جا گهر ۽ فصل تباھه ٿي چڪا آهن، هن وقت ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو مرحلو آهي، پر ريسڪيو ۾ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن نااهلي ۽ ناڪامي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان به ٽيليٿان ڪيا، اعلان ڪري اربين رپيا گڏ ڪيا، پتو نه پئجي سگهيو ته اهو پئسو ڪٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي پاڪستان جي الخدمت فائونڊيشن طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو هو. هن چيو ته اسان پوري دنيا جو قرض پنهنجي مٿان ٿاڦي رهيا آهيون، پر ان باوجود ڊفالٽ جو خطرو ختم نه پيو ٿئي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي معاشي نظام ۽ قوم جي پاڻ ڀاڙڻ، پنهنجي وسيلن تي اعتماد ۽ هڪ منضم شڪل ڏيون، ان سلسلي ۾ وفاقي شرعي عدالت پاران اهم ترين فيصلو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ ڪراچي ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، سڀني جو اتفاق ڪيو ته پاڪستان مغربي سرمائيداران ۽ استحصالي نظام سان گڏ پنهنجي معيشيت کي مستحڪم نه ٿي ڪري سگهو، زڪوات تي ٻڌل ۽ وياج کان پاڪ معاشي نظام پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت وٽ ڪا پاليسي ناهي، ان ڪري دهشتگردي وڌي رهي آهي، انسانن کي ٻيهر ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، ايتري حد تائين جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي به ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بلدياتي ادارن کي ڪو به اختيار ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊن ۾ دير لاءِ هر حربو استعمال ڪيو پيو وڃي، پر حڪومت هڪ بااختيار بلدياتي نظام ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button