پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو:لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد پاڙي دايا چوڪ واري علائقي جي رهواسين ڪجھه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان مبينا قتل ٿيل نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن منظور علي گاد پنهنجي گهرواري منور خاتون، پٽ اياز گاد، ڄاٽي بشير علي گاد ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 25 نومبر تي بااثر جوابدار منظور علي ڪيهر، عبدالغني ڪيهر، مشتاق ڪيهر، افروز ڪيهر ۽ الهبخش عرف لالو ڪيهر سول لائين ٿاڻي اڳيان منهنجي نوجوان پٽ الطاف علي گاد کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، واقعي جو ڪيس منهنجي يوسف گاد جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف سول لائين ٿاڻي تي داخل آهي، پر پوليس صرف ٻن جوابدارن افروز ڪيهر ۽ عبدالغني ڪيهر کي گرفتار ڪيو آهي، ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي چالان نه پئي ڪري. خدشو آهي ته پوليس جوابدار ڌر کان رشوت وٺي کين آزاد ڪندي، ان ڪري پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button