نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ڇاپا هڻي ٻن عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن کي سيل ڪري ڇڏيو. ميڊيڪل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر محمد عمر ڪاڪا ۽ اينٽي ڪيوڪري مير خادم حسين ٽالپر پوليس نفري سان گڏ نئون ڪوٽ پھچي ڊينٽل عطائي ڊاڪٽر جميل احمد قريشي ۽ عطائي ڊاڪٽرياڻي امبرين قائمخاني جي ڪلينڪن کي سيل ڪري ڇڏيو، ٽيم ھڪ عطائي ڊاڪٽر ڪالي خان جسڪاڻي کي وارننگ ڏني. جڏهن ته ٽيم جي اچڻ جو ٻڌي اڪثر عطائي ڊاڪٽر نرسنگھه مالھي، عطائي ڊاڪٽر پريم ڪمار ڪولھي، نھال ميگھواڙ، امبرين قائمخاني اسپتالون بند ڪري فرار ٿي ويا. ان موقعي تي ٽيم انچارج ميڊيڪل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر محمد عمر ڪاڪا ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سيل ڪيل اسپتالپن ٻيھر کوليندڙ عطائي ڊاڪٽر تي 5 لک ڏنڊ هڻڻ سان گڏ ان کي 3 سالن لا جيل موڪليو ويندو. مڪان مالڪ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن کانسوا ان ڪواليفائيڊ عطائي ڊاڪٽرن کي ڀاڙي تي جا نه ڏين، نه ته مالڪ مڪان خلاف به قدم کنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close