پاڪستانسنڌ

باڊهه ۾ بٺي پورهيت يرغمال، تشدد، ڦرلٽ، ڌرڻو

باڊهه: باڊھه شھر ۾ بدامني وڌي وئي. موھن جو دڙو-باڊھه روڊ سان قائم ٿيل علي حسن نوناري جي سرن جي بٺي تي گذريل ڏينھن اسر ڌاري 3 نامعلوم ھٿياربندن چڙھائي ڪري چوڪيدار ۽ پورھيتن شبير نوناري، بٺي جي مستري حسين نوناري ۽ ٻين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو، جنهن بعد هٿياربند يرغمالين کان ھزارين رپيا رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي خلاف متاثر پورھيتن ۽ بٺا مالڪن علي حسن نوناري ۽ برڪت مسڻ جي اڳواڻي ۾ باڊهھ-موھن جو دڙو روڊ بند ڪري مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. بٺا مالڪن ۽ پورھيتن ڳالھائيندي چيو ته باڊھه شھر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ٿي رھي آھي. روز ڦر جون وارداتون ٿي رھيون آھن، جنھن سبب سخت ڳڻتي ۾ ورتل آھيون، پر پوليس قدم کڻڻ لا تيار ناهي. ڏوھارين اسان جو جيئڻ ئي حرام ڪيو آھي، جنھن مان لڳي ٿو ته پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس آهي. ھنن گھر ڪئي ته ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي طرف متاثر بٺي مالڪن ۽ پوليس کوجي ڪتي جي مدد سان جوابدارن جا پيرا کڻايا، انب پور ڀرسان رھندڙ گلزار شاهھ جي گھر ٻاھران کوجي ڪتو ٻه ڀيرا اچي ويھي رھيو، بعد ۾ پوليس خالي هٿين واپس هلي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button