ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينٽ پال انگلش هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته شايد اسان رليف ۽ ريسڪيو واري مرحلي مان گذري چڪا آهيون پر حقيقت ۾ ائين ناهي، هن وقت به جتي ٻوڏ آيل آهي اتي ماڻهو شديد تڪليف ۾ مبتلا آهن، متاثرن جا گهر ڊهي پيا آهن، وٽن کائڻ لا به ڪجهه ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جا سمورا فصل پاڻي ۾ تباهه ٿي ويا آهن ۽ اهڙي موقعي تي اهو تاثر ڏيڻ ته سڀ ٺيڪ آهي، مان ائين نه ڪندس، پر ايترو ضرور چوندس ته اسان ٻوڏ متاثر 80 کان 85 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍي ورتو آهي، ان جو اهو مطلب ناهي ته جتان پاڻي نڪري چڪو آهي اتي ماڻهو معمول واري زندگي ڏانهن موٽي آيا آهن پر ائين ناهي، اها ئي ڳالهه اسان وفاقي حڪومت سان به ڪئي آهي، ڇو ته اتي به ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته هاڻي بس اسان بحالي واري عمل تي زور ڏيون پر اڃا رليف وارو ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو اٿئون، پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ ناهي جو ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتل چندا ۽ امداد کائي وڃي، ثقافتي سرگرمين ذريعي معاشري ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، سنڌ کي عمران خان مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي، شڪر آهي ته عمران خان جو ڏمر وارو دور گذري ويو، هن چيو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي ۽ اسان ماڻهن جي مدد ۽ بحالي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، هينئر به متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. جنوري ۾ رٿيل ڊونر ايجنسين جي ڪانفرنس ۾ اميد آهي ته سنڌ جو ڪيس بهتر انداز ۾ پيش ڪري عوام کي جلد رليف فراهم ڪنداسين ۽ سندن گهرن جي تعمير جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت سڀ گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم اڳ به اسان جي اتحادي رهي آهي ۽ اسان 2008ع کان 2013ع تائين گڏجي ڪم ڪيو ۽ پوءِ هنن هڪ نئون تجربو ڪيو. اهي مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان به رهيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته ايم ڪيو ايم ۽ اسان سڀني کي اهو احساس آهي ته صوبي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪجي.
هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم کي به وفاقي حڪومت کان خدشا ٿيا ته عدم اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي انهن سان گڏ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سان گڏ هئا. سڀني اڳواڻن گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، تنهن ڪري نااهل کي هٽايو ويو. پوءِ انهن فيصلو ڪيو ته وطن جي خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هينئر ان جو ئي تسلسل آهي ۽ ان ۾ نفعي نقصان جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، انهن اسان سان ڳالهايو ۽ پنهنجن خدشن بابت آگاهه ڪيو ۽ اها ڪا پهرين ملاقات ناهي، مون ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪئي ۽ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون. اسان اليڪشن لاءِ هر وقت تيار آهيون، هن چيو ته هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي به پنهنجي ڪارڪنن پاران اليڪشن ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ محسوس ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چونڊون ٿين ۽ عوام جا مسئلا حل ٿين. اهو مسئلو چونڊون ٿيندي ئي ختم ٿي ويندو، کٽڻ ۽ هارڻ اليڪشن جو حصو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا خدشا رڳو چونڊون تي نه آهن، ڪالهه به ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان سلسلي ۾ اڄ به ويهڪ ٿي آهي ۽ انشاءَ الله سمورا خدشا دور ڪيا ويندا. اسان مڪمل طور تي تيار آهيون، اليڪشن جي حوالي سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي انتظامي ڏکائيون هيون اهي ختم ٿي ويون آهن. عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته جڏهن وفاق ۾ سندس حڪومت هئي ته هن رڳو اعلان ڪيا پر سنڌ جي بهتري لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ۽ اسان جيڪو ڪرڻ چاهيون ان ۾ رنڊڪون وڌيون. هن چيو ته هو سکر ۾ متاثرن وٽ آيو ۽ ميز لڳائي وئي ساڻن ماني کائي اڍائي ڪلاڪن کانپءِ روانو ٿيو پر متاثرن جي بحالي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ بابت وڏيون دعوائون ڪيون. جڏهن ٻوڏ متاثرن کي ڏکائي هئي تڏهن هن (عمران) کي چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه آيو جيڪي چونڊون وقت تي ٿينديون. عمران خان جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي جنهن سبب ملڪي معيشت خراب ٿي ۽ سندس خيال آهي ته حڪومت ائين ئي هجي ها جيئن هن هلائي پئي. بيوقوفيءَ جي به حد ٿي وئي آهي ۽ حڪومت کي متاثرن جي مدد لاءِ رقم نه ڏيڻ جي حد ٿي وئي آهي. اسان ٻڌو هو ته هن نااهل به گهڻو پئسو گڏ ڪيو هو پر اهو خرچ ڪٿي ٿيو؟ اهو هتي ته نه آيو. هن چيو ته جڏهن هو حڪومت ۾ هو ته صوبي جي عوام کي ڪو آسرو نه هو ته پوءِ هاڻي سنڌ جو عوام ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿو پر عمران خان جي راند اسان جي ڪوششن کي سخت نقصان پهچايو آهي.
ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينٽ پال انگلش هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ثقافت ئي زندگيءَ جو مجموعو آهي جيڪو سماج جي ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته اڄ مان هتي ۽ هن خاص موقعي تي مان توهان سڀني جي وچ ۾ خوشي محسوس ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان سڄي دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان هڪ پرامن خطو آهي، هتي جا ماڻهو سادا ۽ سٻاجها آهن، ثقافت زندگيءَ جو عظيم رنگ آهي جنهن مان سماج جي خوبصورتي ڏسجي ٿي. ثقافت ماڻهن جي زندگين ۾ خوشين جا رنگ آڻيندي آهي، ثقافت اسان کي عظيم اصولن ۽ ريتن رسمن مطابق زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿي. هوڏانهن وزيراعليٰ هائوس ۾ خاص فردن جي عالمي ڏهاڙي بابت تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت خاص فردن جي ڀليءَ ريت خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان سلسلي ۾ خاص فردن جي حقن جي بهتري ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هر کاتو، اين جي او ۽ ادارن جي تعاون ڪندي. وڏي وزير خاص فردن کي خطاب ڪندي چيو ته توهان سڀئي مون کي پيارا آهيو. هن چيو ته 2019 ۾ ڪرونا پکڙجڻ کان اڳ مختلف صنعتڪار، ٽيچنگ فيڪٽري سان لاڳاپيل ماڻهو، شاگرد ۽ والدين خاص ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت خاص فردن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پرعزم آهي. هن چيو ته خاص ماڻهو سماجي ناانصافين، امتيازي سلوڪ ۽ استحصال سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن.