عثمان شاهھ ھڙي: جهنڊومري ۾ 15 سالن کانپو کليل اسڪول ۾ شاگردن جي ويهڻ لا فرنيچر به نه مليو، سڄي عمارت ٻوڏ سبب زبون ٿي وئي. جهنڊو مري جي يوسي ميرآباد جي ڳوٺ ڦوٽو خاصخيلي ۾ گورمينٽ پرائمري پيار علي خاصخيلي جي نالي سان قائم اسڪول ۾ 15 سالن کانپو استاد مقرر ڪري اسڪول کوليو ويو آهي، اسڪول ۾ هن وقت 80 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آھن. اسڪول کي 1995ع ۾ بلڊنگ ملي، پر گذريل ٻن مھا ٻوڏن ۾ عمارت زبون ٿي چڪي آهي، اسڪول ۾ شاگردن جي ويهڻ لا فرنيچر به ناهي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. تعليم کاتي جي مقامي عملدارن اسڪول کولڻ باوجود شاگردن لا فرنيچر ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، نه ئي ٻيون سهولتون ڏنيون. اعلى عملدارن به مرمت لا ڪي اپا نه ورتا. ان سلسلي ڳوٺ جي معززن غلام محمد خاصخيلي، الهڏتو خاصخيلي، سعيد خان، قبول احمد خاصخيلي تعليم کاتي جي اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري زبون اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي شاگردن لا فرنيچر فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close