
مورو: مورو اقرا اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مظھر ڪلھوڙو، حاجي علي محمد، فيض اللہ زرداري، اسلم عباسي، ظفر تڳر، ايم ڊي اصغر ڪلھوڙو ۽ ٻين شاگردن طرفان تيار ڪيل ھٿ جي ھنر ۽ ثقافتي سامان جو افتتاح ڪيو. جڏھن ته شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو. ٻي طرف قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.