پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ثقافت جي رنگن سان رڱجي ويو، نوجوانن جو رقص

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ثقافت جي رنگن ۾ رنڱجي ويو. سماجي تنظيم اين پي سي آئي ايڇ اي، راڄوڻي اتحاد، جيئي سنڌ محاذ، جسقم ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن خاصخيلي، ڪوري ۽ ٻرڙا برادري سميت مختف برادرين جي ماڻهن پاران ڪڍيل ريليون پريس ڪلب پهتيون، جتي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون. راڄوڻي اتحاد پاران ڳوٺ قبول شاهھ مان محمد حسن ٻجورو، قاري شوڪت ٻجورو، عبدالرزاق ٻجورو، احمد خان ٻرڙو، سماجي تنظيم اين پي سي آئي ايڇ اي پاران محمدي چوڪ کان مظھر چانڊيو، رفيق غوري، الهيار مري مان خاصخيلي برادري پاران ڪامريڊ غلام نبي خاصخيلي، سانا آمريڪا مان آيل علي حيدر ميرجت، جسقم پاران محمدي چوڪ تي الهداد مري، ارشاد بروهي، شبير ڪوريجو، سعيد مري جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي چوڪ تي ڪئمپ لڳائي وئي. جيئي سنڌ محاذ پاران ڊاڪٽر زاهد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽرسائيڪلن، ڊاٽسنن، ڪارن، چنگچين ۾ سوار ٿي ريليون ڪڍيون ويون، نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون. جڏهن ته سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران قيصر عمراڻي، عاشق حسين، غلام سرور، فهيم عمراڻي ۽ محمد علي چندريگر جي اڳواڻي ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويو. ملا مکڻ کان جانڻ سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي ساياتن جي تاريخي قبرستان وڃي قبرستان ۾ مدفون حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ٻن ڀائرن جي مزارن تي حاضري ڀري. ريلين ۾ هزارين ماڻھن سنڌي ويس وڳا، ٽوپيون، اجرڪون ۽ پٽڪا پائي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته برساتي ٻوڏ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو، ان باوجود سنڌ جا ماڻھو سنڌ جا ماڻھو پنهنجو قومي ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي رهيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button