اسلام آبادپاڪستان

داعش پاڪستاني سفارتخاني تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي

اسلام آباد :افعانستان لاءِ پاڪستان جي خاص نمائندي محمد صادق چيو آهي ته عالمي دهشتگرد تنظيم داعش ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ محمد صادق جو چوڻ هو ته آزاداڻي ۽ افغان اختيارين سان گڏجي سندن اطلاعن جي تصديق ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته خطي ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام کي دهشتگردي جو خطرو آهي، اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي ان لعنت کي شڪست ڏيڻي آهي. محمد صادق جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پنهنجي عزم تي قائم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button