ڪراچي ۾ آچر تي سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافت ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف پروگرام، ڪلچرل شو ۽ ريليون ڪڍيون ويون. ثقافت ڏهاڙي جي موقعي تي پيپلزبس سروس جو عملو اجرڪ ۽ سنڌي ٽولي ۾ نظر آيو، ڪراچي ۾ ثقافت ڏهاڙي جي مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون ٿي مختلف علائقن مان ثقافتي وڳن ۾ شهري ريلين جي شڪل ۾ ثقافتي تقريب ۾ پهتا، مختلف سياسي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن پاران سنڌ جي قديمي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آچر تي رات دير تائين تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ مختلف کاتن ۾ هي سلسلو سڄو هفتو جاري رهندو. ڪراچي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي ۽ قومپرست تنظيمن پاران ريليون ڪڍيو ويون، جلسا جلوس ۽ سيمينارن جو اهتمام ڪيو ويو. ثقافتي ڏهاڙي موقعي تي نوجوان، ٻارڙا، عورتون ۽ پوڙها سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي ويا، مختلف علائقن ۾ موٽر سائڪل ريليون ڪڍيون ويون، ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران راڳين، فنڪارن ڪلچرل شو ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌي لوڪ فنڪارن گيت پيش ڪيا، عورتن ۽ ٻارڙن ۽ نوجوانن ثقافتي جهمريون هڻي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو. سنڌ جي ثقافت جي ڏينهن جي موقعي تي سون جي اگهن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون ٻارڙا جهمريون هڻندي ڪراچي ۾ رستن تي نڪري آيا ريليون ڪڍيون ويون. ان موقعي تي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان جي ثقافت جو ڏينهن عيد کان گهٽ نه آهي، هي ڏينهن اسان هميشه جوش ۽ جذبي سان ملهايون ٿا ۽ هميشه ائين ئي ملهائيندا رهنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close