سنڌ

ڊکڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي

ڊکڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران وڏي علم پاڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف هنڌن مين بازار، بس اسٽيڊ سميت مختلف جڳهن تان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب ڊکڻ پهتي. ريلي جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ سلمان سومرو، سرائي سجاد سيال، ربنواز منگي ، حسن رضا منگي، ذيشان شيخ، ظهير چانڊيو، امير عيساڻي، شيراز شيخ سميت ٻين ڪئي. قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ڊاڪٽر شفيق ڪوريجو، علي نواز سيال، جميل شيخ، اسلم لاشاري، شعيب محمود سيال ، سنڌ جي ناليواري شاعر سيد مشتاق بخاري سميت ٻين ثقافتي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي اسان کي پنهنجي جان کان به وڌ پياري آهي، ھي ثقافتي ڏينھن اسان سنڌي قوم لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۽ اسان ھن ڏينھن تي سڀ گڏ ٿي ايڪي ٻڌي ۽ ڀائچاري جو پيغام ڏيندا آھيون. سنڌ مٿان وڏي عرصي کان وٺي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا وڃن پيا، جيڪا سراسر ناجائزي آهي پر سنڌ توڙي سنڌين مٿان ظلم برداشت نه ڪنداسين. هنن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي گهڻي ضرورت آهي، ٻارڙن توڙي نياڻين کي تعليم ڏياري حوصلا افزائي ڪئي وڃي. سنڌ حُڪومت کي گُهرجي تہ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو وڃي. جڏهن تہ سنڌ جي سريلي راڳي عالمگير سولنگي ڳايو ته ڪهڙي ڪم جا رابيل جا گلڙا مونکي پيارا سنڌ وارا سميت ٻيا گيت ڳائي ريلي ۾ شريڪ ننڍن وڏن توڙي پوڙهن کي به جهومائي ڇڏيو ۽ بعد ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button