پاڪستانسنڌ

ڍورونارو ۾ سنڌ ثقافتي رهاڻ، اسٽيج ڊرامو پيش

ڍورونارو: ڍورونارو پريس ڪلب پاران سنڌ ثقافتي رھاڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾آئي بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل شهر جي 60 استادن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. رهاڻ ۾ جمن دربدر جي فرزند سگھڙ ساند ۽ عمرڪوٽ جي مشهور راڳي الله بچايو فقير محفل ۾ قومي گيت ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو ۽ نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪندا رھيا. سنڌ ثقافتي رھاڻ ۾ سنڌ سان محبت رکندڙ علائقي واسي شريڪ ٿيا. رهاڻ ۾ ڳالهائيندي غلام حسين آريسر، غلام نبي سمون، سڪندر چوپاڻ، راشد بابا ڀٽي ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌي 5 ھزار سال تاريخي زنده قوم آھيون، اسان پنهنجي ثقافت سان بيحد پيار ڪريون ٿا. تقريب ۾ شاعرن گھنشام شيام، احمد مڱريو، غلام حسين آريسر، جي اين سمون ۽ ٻين قومي شاعري پڙھي داد حاصل ڪيو، اسڪولي ٻارڙن ۾ تقريرن جي مقابلن سميت ٻارن ٽيبلوز پيش ڪيا. عمرڪوٽ جي مشهور دستڪ ٿيٽر گروپ پاران انور ساند جي سرواڻي ۾ اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو. انور ساند، حسن ڀٽي ۽ انور عمراڻي بهترين اداڪاري پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button