پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ نينگري کي پرڻجڻ کان بچايو ويو، گهوٽ گرفتار

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ وومين پوليس شادي جي تقريب تي ڇاپو هڻي معصوم نينگري کي زوري پرڻجڻ کان بچائي ورتو. گهوٽ ۽ مولوي سميت 4 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. خبر موجب عمرڪوٽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مهناز اعواڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس رحيم ڪالوني ۾ هڪ جا تي ڇاپو هڻي 9 سالن جي نينگري عروسه بخاري کي زوري پرڻائڻ واري تقريب روڪرائي ڇڏي ۽ ننگرپارڪر جي رهواسي 30 سالن جي گهوٽ ڍولو پٽ چنيسر ساند، خدا بخش، سميرا راشد، نڪاح پڙھائيندڙ مولوي محمد حنيف شاھه کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي لاڪپ حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ نينگري عروسه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ڪراچي ۾ رهو ٿا، بابا سان گڏ عمرڪوٽ گهمڻ آئي آھيان، شادي بابت ڪا خبر ناهي. ٻئي طرف گرفتار گھوٽ جو چوڻ آھي ته مونکان ڏيڍ لک رپيا ورتا ويا آهن، ڇوڪري جي عمر بابت ڄاڻ نه هئي. گرفتار مولوي جو چوڻ آھي ته مون کي نڪاح پڙھائڻ جو سڏ ھو، ڇوڪري جي عمر ننڍي آھي، ان جي خبر نه ھئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي وومين ايس ايڇ او ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته معصوم نينگري کي پرڻايو پيو وڃي، اسان هلندڙ تقريب تي ڇاپو ھڻي نينگري کي تحويل ۾ وٺي گھوٽ سميت ٻين ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي، جن کي عدالت ۾ پيش ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button