پاڪستانسنڌ

انگريزي سکڻ لاءِ سڀ کان اڳ استادن کي تربيت ڏيڻي پوندي: سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪانفرنس

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگوئيج اينڊ لٽريچر پاران “انگريزي ٻوليءَ جي سکيا ۾ نواڻ ۽ مستقبل جا رجحان” عنوان هيٺ پهرين ٻن ڏينهن واري پاڪ-ٽسول سنڌ ريجنل ڪانفرنس شروع ٿي ويئي آهي. افتتاحي تقريب ۾ انگريزي ٻوليءَ جا ماهر، اسڪالر ۽ شاگرد شريڪ ٿيا. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ٿي. جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ڪئي. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر رفيق ميمڻ چيو ته ايڪيهين صديءَ جون مختلف گهرجون آهن، جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ به جديد مهارتن جي ضرورت آهي پر سڀ کان اڳ استادن کي تربيت ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پاڪ-ٽسول هڪ اهڙو فورم آهي، جنهن جي ذريعي انگريزيءَ جي استادن کي سکيا جي جديد فن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٽيچرن ۾ اهي مهارتون پڻ هئڻ گهرجن ته شاگرد کي پنهنجي سکيا جي جديد طريقن ذريعي ڪلاس رومن ۾ اچڻ تي مجبور ڪن. هن چيو ته جيستائين انگريزيءَ جا استاد تربيت يافته نه هوندا، تيستائين شاگرد ڪلاس روم ۾ اچڻ کان ڪيٻائيندا، پوءِ اها يونيورسٽي هجي، ڪاليج يا اسڪول هجي. هن چيو ته انگريزي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ شاگردن تي مبني ڪلاس روم هئڻ گهرجن ۽ تعليمي ماحول به شاگردن تي ٻڌل هجي، جتي تدريس جو مرڪز استاد کان شاگردن طرف خوشگوار ماحول ۾ منتقل ٿئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرٽ اينڊ ڊيزائين لاهور اسڪول آف اڪنامڪس جي فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ريجنل انگلش لينگئيج آفيس (ريلو) پاران پاڪستان-ٽسول (ٽيچنگ انگلش ٽو اسپيڪرس آف اَڌر لينگوئيجز) جي پروگرام ذريعي انگريزي زبان جي سکيا لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 21 هين صديءَ جي تدريس، ٻوليءَ جي تعليم لاءِ نصاب جي تياري ۽ ان لاءِ مواد شامل ڪرڻ بابت ڄاڻ جي فراهمي هن ڪانفرنس جو مقصد آهي. پاڪ-ٽسول پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد ڪمال خان چيو ته اهڙي قسم جا پليٽ فارم انگلش لينگوئيج ٽيچنگ ڪميونٽي کي پاڻ ۾ ملائي جديد رجحانن، مسئلن، عملي مشڪلاتن ۽ بهترين طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. آرٽس فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، پروفيسر ڊاڪٽر سفير اعواڻ، سائره الطاف چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور، پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم، ڊاڪٽر فريده ياسمين پنهور، ڊاڪٽر طارق حسن عمراڻي، ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، ڊاڪٽر الاهي بخش گوپانگ، ڊاڪٽر ظفر ابوپوٽو، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، پير سهيل سرهندي، ڊاڪٽر عرفان احمد رند، ڊاڪٽر عقيفه امتياز، ڊاڪٽر سميرا ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button