پاڪستانسنڌ

نوان صوبا ٺاھڻ وارو بل تاريخي وحدتن تي وار آھي: زين شاهه

بدين: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھہ چيو آھي ته نوان صوبا ٺاھڻ وارو بل تاريخي وحدتن تي وار آھي، ان خلاف ايس يو پي ۽ ضرورت پئي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سياسي محاذ استعمال ڪنداسين. ھن اھڙو اظھار ايس يو پي جي مرڪزي قيادت جگديش آھوجا، امير آزاد پنھور، روشن علي ٻرڙو، پروفيسر انعام ڀٽي، منير نائچ ۽ ٻين سان گڏ گولاڙچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سيد زين شاھه چيو ته پ پ سان ايندڙ اليڪشن ۾ مقابلو ڪرڻ لا پي ٽي آ سميت مختلف سياسي ڌرين سان اتحاد ٿي سگھي ٿو.

ھن وڌيڪ چيو ته پ پ پ جي ڪرپٽ سرڪار سنڌ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، ھٿرادو ٻوڏ سان سنڌ کي تباھه ڪيو ويو آھي پر ماڻھن جي بحالي لا آيل امداد ھڙپ ڪئي پئي وڃي. جنھن خلاف اسان بار بار احتجاج ڪيو آھي، ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين اسان جو احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button