پاڪستان

فواد چوڌري جي حڪومت سان غير رسمي رابطن جي تصديق

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري حڪومت ۽ نواز ليگ سان غير رسمي رابطن جي تصديق ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اسحاق ڊار جون صدر عارف علوي سان ٻه ملاقاتون ٿيون آهن، ڊار جو چوڻ آهي ته چونڊن لاءِ تيار آهيون رڳو نواز شريف سان صلاح مشورو ڪري وٺون. ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ق ليگ آزاد پارٽي آهي ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي، اسان کي هر حال ۾ چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي، ماڻهو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ملڪ جو ڏيوالو ٿي ويو ته ڇا ٿيندو؟ پرويز الاهي ۽ مونس چاهين ٿا ته اسيمبليون ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن اندر ٻيهر چونڊون ٿي وڃن، مخالف گهٻرايل آهن ته پي ٽي آءِ چونڊن ۾ کٽي ويندي، جيڪڏهن 20 ڊسمبر تائين ڪجهه نه ٿيو ته 21 تي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، اسحاق ڊار نواز شريف سان مشورو ڪري صدر عارف علوي کي ٻڌائيندو، تنهن ڪري اسان انتظار ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف فواد چوڌري لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان ملڻ پهچي ويو، ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو. ذريعن موجب ملاقات ۾ ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي به ويٺل هو. پرويز الاهي سان ملاقات بعد فواد چوڌري زمان پارڪ پهچي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان مليو ۽ کيس پرويز الاهي سان ٿيل ملاقات جو احوال ٻڌايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button