سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

قبو سعيد خان جي يوسي بگو دڙو جي متاثر ڳوٺاڻن جو سروي ۾ نظر انداز ڪرڻ تي ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي پروجيڪٽ آفيسر ياسر جتوئي خلاف پنجين ڏينهن به ڳوٺ احسان علي کوکر، غلام فاروق کوکر، غلام قادر چانڊيو، سعيد احمد چانڊيو سميت ٻين نورنبي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن نور نبي چانڊيو، امام چانڊيو، ميرحسن مگسي، صدام بروهي ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ ڪري اسان جا ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن. هنن چيو ته ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جو پروجيڪٽ آفيسر ياسر جتوئي حقيقي ٻوڏ متاثر ڳوٺن کي نظر انداز ڪري بااثرن جي فرمائش تي من پسند ڳوٺن جو سروي ڪري انهن کي سامان ڏنو وڃي ٿو. هنن ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button